شهاب الدين صوفي

شهاب الدين صوفي: شاعر ۽ صوفي بزرگ صوفي شهاب الدين، صوفي شاعر صادق فقير سومري جو چوٿون نمبر پٽ هو. هُن 1828ع ڌاري ديهه اهر، تعلقي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. کيس تربيت، تلقين ۽ شاعري به والد کان ورثي ۾ ملي. پاڻ صوفي شاعر هو، پنهنجي شاعريءَ ۾ حسن جي به تعريف ڪئي اٿس، پر سندس شاعريءَ تي تصوف جو رنگ گهڻو آهي. پاڻ صوفي شاهه عنايت جي نظريي جو پوئلڳ هو. صوفي شهاب الدين 1890ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار تعلقي عمرڪوٽ جي صوفي شهر ۾، درگاهه صوفي صادق فقير جي احاطي ۾ آهي. سندس شاعريءَ جو نمونو هتي پيش ڪجي ٿو:
درد بنا آهي ڪوڙي بات، ذات نه ڄاڻان ڪير آئون آهيان،
پاڙي اسانجي پهاڄيون، کر به اسان سان ڇات،
اوکي ويل اسان سان مرشد، هجي هميشه ساٿ،
هادي ويل هلڻ جي مون کان، ڪلمو چوائين وات،
’شهاب الدين‘ ڪرين سو ڪري وٺ، ڦٽڻ تي آ پرڀات.


هن صفحي کي شيئر ڪريو